گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي

راجوخاناڻي ڀرسان مشهور ڳوٺ بخشو نظاماڻي ۾
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي
تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب جي ڪمپيئرنگ مشهور شاعر اديب خاڪي جاني ڪئي تقريب جا مھمان خاص تعلقي ماتلي جو پرائمري ٽي اي او محرم پنھور ، سعيد پور ڪاليج جي پروفيسر فرزانا جاني ، تعلقي ماتلي جي مانيٽر ذين نظاماڻي ، سينئر استاد محمد يوسف ، فرحان آرائن ۽ عمران رند ھئا تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي تقريب ۾ آيل مھمانن ۽ محمد نواز نظاماڻي کي اسڪول جي ھيڊ ماسٽر محمد شعيب ، شڪيل احمد ، شاھد احمد ٽالپر ، وڪيو خاصخيلي ، رضا ء الله نظاماڻي ۽ خاڪي جاني اجرڪون پارائي کيس مڃتا ڏني ۽ سندن عزت افزائي ڪئي ويئي انھي کان پوءِ اسڪول جي اسٽاف محمد شعيب ، مس عارفه ، مس فرحا، شڪيل احمد ، شاھد احمد ٽالپر ، مس اقصا ، خاڪي جاني وڪيو خاصخيلي محمد نواز کي الوداعي جي موقعي تي تحفا ڏنا ۽ اجرڪون پارايون
اسڪول جي شاگردياڻين استاد سائين محمد نواز نظاماڻي جي مان ۾ شاندار ٽيبلو پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا انھي موقعي تي
ٽي اي او ايجوڪيشن تعلقه ماتلي محرم پنھور ، زين نظاماڻي ، فرزانا جاني، شعيب شاد ، عمران رند فرحان آرائين ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ ادارا صرف بلڊنگ ناھن ادارا فردن جي ڪري آھن سائين محمد نواز جھڙا فرد ئي ادارن کي تري ڏياريندا آھن ۽ ادارن جا نالا روشن ڪندا آھن آخر ۾ رئيس علي حسن نظاماڻي کي اسڪولز جي اونرشپ ڪرڻ جي ڪري اجرڪ پارائي کيس مڃتا ڏني وئي

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ