گل پلازا سانحي جو ڪيس داخل، غفلت ۽ لاپرواهي جا قلم شامل

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) گل پلازه سانحي جو ڪيس حڪومت جي شڪايت طور داخل ڪيو ويو آهي، گل پلازه سانحي بابت ڪيس نبي بخش پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جا دفعات شامل ڪيا ويا آهن پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومت جي شڪايت تي نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اختيارين جو چوڻ آهي ته سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 71 ماڻهن مان 20 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ 82 ماڻهن جا نالا شامل آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ