ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ وسيع رليف ۽ بحالي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ تي وڌيڪ ضروري ڪارروائي لاءِ وڏي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ذيلي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي۔ اجلاس دوران ڪراچي جي ترقي کي تيز ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اربين رپين جي انفرا اسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، پاڻي ۽ ڀلائي منصوبن جي به منظوري ڏني وئي۔ اجلاس جي شروعات ۾ ڪابينا گل پلازا سانحي جي شهيدن لاءِ فاتحه پڙهي۔ وڏي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ذميواري متاثر خاندانن کي فوري رليف فراهم ڪرڻ سان گڏ احتساب کي يقيني بڻائڻ آهي۔ هن چيو انساني جان تي ڪا به سمجھوتو نه ٿيندو۔ رليف، انصاف ۽ روڪٿام گڏ گڏ هلڻ گهرجن. گل پلازا سانحو: رليف، بحالي ۽ نگراني: ڪابينا گل پلازا واقعي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي جامع معاوضي ۽ بحالي پيڪيج جي منظوري ڏني۔ فوت ٿيلن جي وارثن کي في خاندان هڪ ڪروڙ رپيا مالي امداد ڏني ويندي۔ متاثر واپارين جي مدد لاءِ ڪابينا في دڪاندار کي هڪ ڪروڙ رپين تائين بغير وياج قرضن جي منظوري ڏني جنهن جو سمورو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي۔ ان کان علاوه في دڪاندار پنج لک رپيا فوري گذر سفر الائونس طور ڏنا ويندا جيئن گهريلو ۽ يوٽيلٽي خرچ پورا ڪري سگهجن۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته واپارين کي پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن اندر متبادل تجارتي جڳهون فراهم ڪيون وڃن، جنهن جي ڪابينا منظوري پڻ ڏني۔ جاچ ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ، ذميواري مقرر ڪرڻ ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ضياءُ الحسن لنجار شامل آهن۔ ياد رهي ته وڏي وزير اڳ ۾ ئي ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا۔ وڏي وزير واضح ڪيو ڪابه غفلت نظرانداز نه ڪئي ويندي جيڪي به ذميوار ثابت ٿيندا انهن کي قانون موجب جوابده بڻايو ويندو.







