ڪوڙا الزام، صبا قمر جو صحافي کي 10 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪارا صبا قمر پنهنجي خلاف لڳايل الزامـن کي بي بُنياد قرار ڏيندي صحافي نعيم حنيف کي 10 ڪروڙ رپين جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ صحافي نعيم حنيف طرفان آر اين اين ٽي وي جي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ صبا قمر تي الزام لڳايو ويو هو ته 2003 کان 2004 دوران هوءَ هڪ شخص سان لاڳاپي ۾ هئي، جنهن سان سندس شادي نه ٿي هئي، ۽ هوءَ لاهور جي والٽن روڊ تي ان شخص طرفان مهيا ڪيل گهر ۾ رهندي هئي. نعيم حنيف وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته بعد ۾ صبا قمر ۽ ان شخص جا تعلقات خراب ٿي ويا، جنهن کان پوءِ ان شخص اداڪارا کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هوءَ ان شڪايت سان جنگ اخبار جي آفيس به وئي هئي. هن اهو به چيو ته صبا قمر کي شروعات کان اها عادَت رهي آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو کيس ڪنهن به شهر ۾ گهر ڏئي، ته هوءَ اتي رهڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. انهن الزامـن کان پوءِ صبا قمر صحافي نعيم حنيف خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو. تازو، هن انسٽاگرام اسٽوري تي قانوني نوٽيس جو تفصيل شيئر ڪيو، جنهن مطابق هن نعيم حنيف خلاف 10 ڪروڙ رپين جو هرجاڻي جو دعويٰ داخل ڪئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو ته صحافي طرفان اداڪاره بابت ڪوڙا، من گهڙت ۽ توهين آميز بيان ڏنا ويا ۽ آر اين اين ٽي وي تي سندس ذاتي زندگي بابت غير مصدقہ ۽ سنسني خيز دعوائون ڪيون ويون. نوٽيس ۾ صبا قمر جي قومي ۽ بين الاقوامي حيثيت کي نقصان رسايو ويو، خاص طور تي سندس ڪردار بطور يونيسف پاڪستان جي نيشل ايمبيسيڊر براءِ ٻارن جي حقن تي زور ڏنو ويو. قانوني نوٽيس ۾ صحافي تي الزام لڳايو ويو ته هن اشارن ڪنائن، عورت مخالف روين ۽ تمسخرانه تبصرن سان اداڪاره جي ڪردار تي سوال اٿاريا ۽ سندس پيشيور ڪاميابين کي گهٽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نوٽيس موجب، نعيم حنيف کي ست ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي ته هو انهن مطالبن تي عمل ڪري، ٻي صورت ۾ سندس خلاف عدالتي ڪارروائي ڪئي ويندي. صبا قمر طرفان 10 ڪروڙ رپين جي مالي هرجاڻي جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيئن سندس شهرت کي پهتل نقصان، ذهني تڪليف ۽ صدمو پورا ڪري سگهجن. ان سان گڏ، هن متنازعه پوڊڪاسٽ کي فوري طور سڀني پليٽفارمز تان هٽائڻ، عوامي معافي جاري ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ذاتي زندگي بابت ڪنهن به تبصري کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ