ڪرڪ ۾ آپريشن، انتهائي گهربل ڪمانڊر مارجي ويو

ڪرڪ: (ويب ڊيسڪ) ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ گڏيل ٽارگيٽ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جو انتهائي گهربل ڪمانڊر مارجي ويو, رپورٽ موجب سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه، صلعي پوليس ۽ سويلين انٽيليجنس اداري ڪرڪ جي علائقي امبيري ڪله ۾ گڏيل ٽارگيٽ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو انتهائي گهربل ڪمانڊر مارجي ويو. 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ مقابلي ۾ فتنته الخوارج جو خطرناڪ ڪمانڊر نثار حڪيم مارجي ويو جڏهن ته مقابلي جي دوران 4 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر عالمي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هو جنهن جي قبضي مان هٿيار، ايمونيشن هٿ آيو آهي.آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد سي ٽي ڊي، ڪرڪ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندڙ دلير جوان فخر جوڳا آهن. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ملڪ ۾ امن جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس جا جوان دهشتگردي جي خلاف اهم ڪاميابيون ماڻي رهيا آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ