گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

ڪراچي ۾ اي چالان لاڳو، ناڪا ختم، بنا لائسنس ڊرائيونگ تي گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار ڏنڊ هوندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اي چالان تي عملدرآمد شروع ٿيڻ کانپوءِ سڄي شهر مان ٽريفڪ پوليس جا ناڪا ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ سيڪشنز مان چالان مشينون به جمع ڪيون ويون آهن ۽ ٽريفڪ پوليس کي بائيڪ لفٽنگ کان به روڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته بنا لائسنس جي موٽر سائيڪل هلائڻ تي 20 هزار رپيا ڏنڊ هوندو.

ڪراچي ۾ اي چالان تي عملدرآمد شروع ٿيڻ کانپوءِ پهرين آڪٽوبر کان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي چالان ڪرڻ کان روڪيو ويو هو.

آءِ جي سنڌ جي فيصلي تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ سڄي شهر مان ٽريفڪ پوليس جا ناڪا ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ حڪم ڏنو آهي ته اي چالان جي پريڪٽس لاءِ ڪو ٽريفڪ اهلڪار ڪنهن به گاڏي کي نٿو روڪي سگهي، سڄي شهر جي ٽريفڪ سيڪشنز مان چالان مشينون جمع ڪيون ويون آهن.

ٽريفڪ پوليس کي بائيڪن جي لفٽنگ کان به روڪيو ويو آهي، هاڻ ٽريفڪ پوليس رڳو ٽريفڪ ۾ خلل بڻجندڙ گاڏيون لفٽ ڪري سگهندي ۽ رڳو ٽريفڪ جي رواني لاءِ مقرر رهندي.

هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته بنا ڊرائيونگ لائسنس جي موٽر سائيڪل هلائڻ تي 20 هزار، ڪار تي 30 هزار ۽ وڏي گاڏي تي 50 هزار رپين جو چالان ٿيندو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ