مٺي (ن س )چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته ڪجهه قوتون سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿيون.مٺي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس ٿر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ٿرپارڪر ۽ سڄي صوبي تي هڪ خاص مقصد لاءِ تنقيد ڪئي ويندي آهي، چيو ويندو آهي ته پيپلز پارٽي ڪجهه به نه ڪيو آهي، اختيار اسلام آباد کي ڏنا وڃن. انهن قوتن جو بهترين جواب ٿرپارڪر آهي.هن چيو ته اسان سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام دوست آهي. اسان ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي ٿرپارڪر جي ماڻهن سان پيار ڪري ٿي.هن چيو ته ٿرپارڪر جي ترقي سنڌ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ترجيح آهي. 2026 جو ٿرپارڪر توهان جي سامهون آهي، ڪوئلو هتي جي ماڻهن جو اثاثو آهي. ٿرپارڪر ۾ ايترو ڪوئلو آهي جيترو سعودي عرب وٽ تيل آهي، پر توهان کي پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي.پي پي چيئرمين چيو ته جڏهن محترمه بينظير ڀٽو ڪم شروع ڪيو ته هڪ سازش تحت کيس روڪيو ويو. هن منصوبي ٿرپارڪر ۾ معاشي انقلاب آندو ۽ اسلام آباد کي بجلي به فراهم ڪئي.هن چيو ته ٿرپارڪر ڪوئلي جي ڪري هتي سماجي انقلاب نظر آيو آهي، حڪومت جي سيڙپڪاري جي ڪري ٿرپارڪر ۾ صحت جي ادارن جو نيٽ ورڪ وڇايو ويو.بلاول ڀٽو چيو ته هي ادارو ٿرپارڪر جي ماڻهن جو به مطالبو هو، حڪومت جي مدت ختم ٿيڻ کان اڳ ان کي مڪمل يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو. پي پي حڪومت 2008 کان اڄ تائين سنڌ ۾ يونيورسٽين جو تعداد ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ڪو به ٻيو صوبو سنڌ کان هي مقابلو نٿو کٽي سگهي، ٿرپارڪر جا ماڻهو تعليم حاصل ڪري ترقي ڪندا.هن اهو به چيو ته گلگت بلتستان جا نوجوان هن ڪيمپس ۾ پڙهڻ لاءِ آيا آهن. مون کي اميد آهي ته جڏهن مان هتي واپس ايندس ته مان هن ڪيمپس کي مڪمل يونيورسٽي ۾ تبديل ڪندس.







