ڪاليج تي حملو ڪندڙ دهشتگردن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي: محسن نقوي

وانا: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته سرحد پار کان دهشتگردي ٿي رهي آهي، فيلڊ مارشل واضح پيغام ڏنو ته دهشتگردن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو ڪندڙ جانور آهن، انهن جو انسانيت سان ڪو به تعلق ناهي. وانا ۾ قبائلي بزرگن سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ملڪ ۾ امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، سرحد پار کان دهشتگردي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ڪورٽ حملي ۾ افغان دهشتگرد به ملوث آهن.محسن نقوي چيو ته اسان جا مقامي شهري حملن ۽ ڌماڪن ۾ ملوث نه آهن، ناراضگي ٿي سگهي ٿي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ خلاف هٿيار کنيا وڃن يا ڪا تحريڪ شروع ڪئي وڃي، فيلڊ مارشل عاصم منير واضح پيغام ڏنو ته دهشتگردي جي معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ