ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشال پنهنجي فلم ” لوو اينڊ وار “ بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ انٽرويوءَ دوران کائنس پڇيو ويو ته ڇا لوو اينڊ وار جي ڪهاڻي ”سنگم“ ۽ ”پرل هاربر“ تان ورتي وئي آهي جنهن تي هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته فلم جي ڪهاڻي بابت فقط هدايتڪار سنجي ليلا ڀنساليءَ ئي ڳالهائي سگهي ٿو.
هڪٻئي انٽرويو ۾ وڪي ڪوشل جو چوڻ هوته لوو اينڊ وار کي هڪ ” يادگار محبت جي ڪهاڻي “ قرار ڏنو ، فلم ۾ رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ سان ڪم ڪرڻو جو تجربو شاندار رهيو.
هن چيو ته هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جو نالو ئي ڪافي آهي ۽ هن وٽان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو.
وڪي ڪوشال جو چوڻ هو هيءَ فلم ڀنساليءَ جي ماضيءَ جي تاريخي فلمن کان مختلف هوندي، فلم نئين اسلوب، بيان ۽ جديد ٽيڪنيڪ سان پيش ڪئي ويندي.