احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنز ٺاهيون. ڀارت جي اوپنرز جي جارحاڻي بيٽنگ جاري آهي، پاور پلي جي 6 اوورن ۾ بنا نقصان 92 رنز ٺاهي ورتيون، اڀيشڪ شرما 18 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. اٺين اوور جي پهرين وائيڊ بال اڀيشڪ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ڪيپر هٿان ڪيچ ٿي ويو. هن 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون ۽ انڊيا جي 98 تي پهرين وڪيٽ ڪري. جنهن بعد سنجو سيمسن به 33 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. ان بعد اشان ڪشن 23 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 15 هين اوور جي خاتمي تي ڀارت جو اسڪور 200 کان مٿي ٿي چڪو هو. 19 هين اوور ۾ ڀارت جون 3 وڪيٽون ڪري پيون. سنجو سيمسن 89، هاردڪ پانڊي 18، سوريا ڪمار زيرو، اشان ڪشن 54 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. شيوام ڊوبي 8 بالن تي 26 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.







