نگرپارڪر(رپورٽر) ٿرپارڪر جي ڀارتي سرحد لڳ واقع ڳوٺ سنوراڻي جي ڌنار جو ٻڪريون غلطي سان سرحد پار ڪري ڀارتي علائقي ۾ داخل ٿيون ته ڀارتي فوج 8 ٻڪريون ماري ڇڏيون ۽ 54 ٻڪرين جون ٺنگون ڀڃي ڇڏيون. عام طور تي ماضي ۾ جانورن جي هڪٻئي جي علائقن م اچڻ تي انهنن کي واپس ڪيو ويندو آهي پر مئي ۾ ٻنهي ملڪن جي فوجن ۾ جهڙپن دوران ڀارتي فوج جي 7 جنگي جهازن ڪيرائڻ واري معاملي بعد ڀارتي فوج ۾ سخت تاءُ آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي ڀارتي فوج جي گهٽيا سوچ ۽ حرڪت جي سخت مذمت ڪئي آهي.






