”پُٽ جو پيءُ لاءِ احترام“ ارجيت سنگهه جي عمل مداحن جون دليون کٽي ورتيون

چنديڳڙهه (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي گلوڪار ارجيت سنگهه جي ڪنسرٽ دوران پيءُ جي وڊيو ڪال اٽينڊ ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي شهر چنديڳڙهه ۾ ارجيت سنگهه جو ڪنسرٽ جاري هو ۽ هو لائيو پرفارم ڪري رهيو جنهن دوران سندس پيءُ جي ڪال آئي.
سندس مئنيجر فون کڻي ارجيت وٽ پهتو ته هن اسٽيج تي ڪال اٽينڊ ڪئي ۽ ڳائيندي هٿ هوا ۾ لوڏايو.
ارجيت پيءُ کي ڪنسرٽ جا منظر ڏيکاريا ۽ ان دوران مداحن کي چيو ته سندس والد وڊيو ڪال تي موجود آهي.
گلوڪار جي پيءُ جي ڪال ريسيو ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ مداحن طرفان گلوڪار جي ان عمل کي ساراهيو پيووڃي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ