راجوخاناڻي | رپورٽ | امداد علي نظاماڻي راجوخاناڻي ڀرسان تلھار تعلقي جي يونين ڪاؤنسل کڏھارو ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ايم پي اي تلھار مـير الله بخش ٽالپر جي مان ۾ يونين ڪاؤنسل کڏھارو جي ڳوٺ علي نواز لغاري ۾ لغاري برادري جي سوين ماڻھن پاران شاندار پروقار آجياڻي تقريب منعقد ڪئي جنهن تي پاڪستان پيپلزپارٽي ايم پي اي تلھار مير الله بخش ٽالپر پنھنجي قافلي سان ڳوٺ علي نواز لغاري ۾ پھتو تہ سوين ڳوٺاڻن علي احمد لغاري عرس لغاري شعيب لغاري محمد علي لغاري غلام حسين لغاري مظفر لغاري مولوي تاج محمد لغاري ۽ ٻين پاران جئي ڀٽو جئي بلاول جي نعرن جي گونج ۾ گرم جوشي سان استقبال ڪيو ڳوٺ جي سوين ماڻھن مڪمل اعتماد ڪندي پي ٽي آئي کي الوداع چئي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي وچن ڪيو تہ ھر ڏک سک ۽ ھر حال ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مير الله بخش ٽالپر سان گڏ هونداسين ان موقعي علي احمد لغاري ۽ لغاري برادري پاران ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر کي سڌ جي ثقافت پٽڪو ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم پي اي تلھار مير الله بخش ٽالپر چيو غريب مسڪين ماروئڙن جي خدمت انسانيت جي خدمت آھي پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀُٽو جي ويزن تي ھلندي عوام جا بنيادي مسئلن کي حل ڪيو ويندو ڳوٺ غلام نبي لغاري جا ننڍا وڏا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا ڳوٺاڻن پاران ڏنل عزت ۽ محبت ھميشه ياد رھندي ان موقعي تي ميمبر ضلع ڪاؤنسل مير عطا محمد ٽالپر رئيس مظفر حسين بوزدار چيئرمين خدا بخش راھمون چيئرمين محمد رمضان کوسو منظور چانڊيو سميت ٻين معززين شرڪت ڪئي






