پينشن ڪا مهرباني يا خيرات نه پر آئيني حق آهي، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ جي جسٽس سيد منصور علي شاهه پنهنجي تازي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪنهن به ملازم جي پينشن ڪا مهرباني، خيرات يا رحم جو معاملو نه آهي، بلڪه اهو آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 14 تحت هڪ تحفظ يافته حق آهي. آرٽيڪل 9 مطابق، “ڪنهن به شخص کي زندگي يا آزادي کان قانون مطابق ڪارروائي کان سواءِ محروم نه ٿو ڪري سگهجي”، جڏهن⁠ته آرٽيڪل 14 انساني وقار جي تحفظ بابت آهي. هي ريمارڪس جسٽس شاهه اُن وقت ڏنا، جڏهن هو شڪيل احمد ڪياني جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 فيبروري 2022ع جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست گذار جي اضافي پينشن جي استحقاق بابت درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. سپريم ڪورٽ هي ڪيس 17 سيپٽمبر 2025ع تي ٻڌو، ۽ ان جو تحريري فيصلو هن هفتي جاري ڪيو ويو. جسٽس شاهه پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته “پينشن زندگي، وقار ۽ روزي جي حق سان ويجهو تعلق رکي ٿي، ڇو⁠ته جيڪڏهن پوڙهائپ ۾ گذر بسر جو وسيلو نه هجي ته اهي حق بي⁠معنيٰ ٿي وڃن ٿا.” فيصلي مطابق، درخواست گذار 2 فيبروري 1995ع تي سابقه آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (OGDC) ۾ اڪائونٽس اسسٽنٽ (BPS-14) طور شامل ٿيو، ان کان اڳ هو پاڪستان ملٽري اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ، واھ ڪينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. نوڪري دوران آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (تنظيمِ نو) آرڊيننس 2001 لاڳو ٿيو، جنهن تحت ڪارپوريشن کي آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (OGDCL) ۾ تبديل ڪيو ويو. درخواست گذار قانوني طور ڪمپني جو ملازم بڻجي ويو ۽ 17 جون 2021ع تي سينيئر اڪائونٽنٽ (E-04) جي عهدِي تان 40 سال ۽ 10 مهينا سروس بعد ريٽائر ٿيو. درخواستگذار جي وڪيل جو موقف هو ته سندس مؤڪل کي ريگيوليشن 15(1A) تحت اضافي پينشن جو حق حاصل آهي، ڇو⁠ته اڳوڻي OGDC ملازم طور سندس سروس جون شرطون آرڊيننس 2001 تحت محفوظ هيون. وڪيل چيو ته وفاقي حڪومت جا حڪم، جهڙوڪ فنانس ڊويزن جو 2001ع جو ميمورنڊم جنهن ۾ اضافي پينشن ختم ڪئي وئي هئي، اهو تحفظ ختم نٿو ڪري سگهي. هن 2005ع ۽ 2010ع جون ڪمپني دستاويزون پيش ڪيون ۽ چيو ته OGDC جا ملازم سول سرونٽ نه پر هڪ خودمختيار اداري جا ملازم آهن، جن تي سندن پنهنجا ضابطا لاڳو ٿين ٿا. ڪمپني 20 آگسٽ 2021ع تي هڪ آفيس ميمورنڊم ذريعي درخواستگذار جي اضافي پينشن واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي، جيڪا 2 فيبروري 2022ع تي رد ٿي وئي. پوءِ هي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي. جسٽس شاهه فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته “پينشن کي انهن سرڪاري ملازمن لاءِ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، جن لاءِ اها سالن جي وفادارانه خدمت جو حقيقي معاوضو آهي، جيڪو پگهر جي پورهئي، محنت ۽ ايمانداريءَ سان حاصل ڪيو ويو آهي.” هن چيو ته پينشن جو تصور ان اصول تي ٻڌل آهي ته جيڪي ماڻهو رياست جي خدمت ڪن ٿا، انهن کي پوڙهائپ ۾ اڪيلو يا محروم نه ڇڏڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته “پينشن کان انڪار ڪرڻ يا ان کي روڪڻ ڪنهن شخص کي سندس جائز تحفظ کان محروم ڪرڻ برابر آهي، جنهن سان هو محرومي، بي وسي ۽ ذلت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. تنهنڪري پينشن جي حق جو تحفظ اهڙي نموني ٿيڻ گهرجي جو اهو مناسب ۽ قابلِ اعتماد هجي. هن وڌيڪ چيو ته پينشن ڏيندي عزت، احترام ۽ همدرديءَ جو عنصر لازمي طور برقرار رهڻ گهرجي، جيڪو آئينِ پاڪستان جي انهن قدرن سان مطابقت رکي ٿو، جن ۾ انساني وقار کي اعلى ترين آئيني قدر قرار ڏنو ويو آهي. فيصلي جي آخر ۾ جسٽس منصور علي شاهه حڪم ڏنو: “مٿين سببن جي بنياد تي، اسان تڪراري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيون ٿا ۽ اهو قرار ڏيون ٿا ته درخواست گذار آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 5 ۽ پينشن ريگيوليشنز جي ريگيوليشن 15(1A) تحت اضافي پينشن جو حقدار آهي. ڪمپني کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته فيصلي جي وصوليءَ کان 30 ڏينهن اندر درخواستگذار کي اضافي پينشن ادا ڪري ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي تعميلي رپورٽ پيش ڪري.” فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “جيڪڏهن نومبر 2025ع جي پهرين هفتي تائين تعميل رپورٽ نه ملي، ته ڪيس کي ٻيهر عدالتي ڪارروائي لاءِ پيش ڪيو ويندو.”

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ