ڪراچي جي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه کي سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي.ان حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، پير محمد شاهه کي گل پلازا واقعي کان پوءِ ٽريفڪ جو انتظام نه ڪرڻ تي هٽايو ويو هو. باهه لڳڻ کان پوءِ، گل پلازا ۽ ان جي آس پاس ۾ ٽريفڪ جي وهڪري متاثر ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ جي ڪري فائر برگيڊ کي علائقي تائين پهچڻ ۾ به ڏکيائيون پيش آيون.







