حيدرآباد(بيورو رپورٽ)پوليو مهم دوران ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جي ڪوڙي داخلا ڪرڻ ۽ سنگين لاپرواهي تي صحت کاتي جي 5 وئڪسينٽرن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليو سان متاثر ٿيل ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت ڪيل جاچ ۾ هي حقيقت سامهون آئي ته 18 آگسٽ تي پريٽ آباد جي رهواسي 8 مهينن جي ٻارڙي جي طبيعت خراب ٿي هئي. ٻارڙي کي چار ڏينهن بعد اسپتال آندو ويو ۽ 25 آگسٽ تي ورتل نموني ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي، جڏهنته 28 آگسٽ تي ٻارڙي فوت ٿي وئي. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ 5000 عملي تي ٻڌل پوليو جي روڪٿام واري مهم جو اسٽاف ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ضلعي ۾ وڌندڙ پوليو وائرس بابت جاچ ڪئي ويئي ته 3، 3 ميمبرن تي ٻڌل 70 ٽيمون غير تسلي بخش ثابت ٿيون، جن کي پوءِ تبديل ڪيو ويو آهي. صحت کاتي مطابق، سال 2024 ۾ 2 ۽ هن سال ضلعي ۾ پوليو جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. گذريل مهم دوران 4 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.