السلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آئين تحفظ تحريڪ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته هو توهان کي پوئين دروازي جا رستا نه ٿو ٻڌائي سگهي. مان وڌيڪ تفصيل ۾ نه ويندس. اسان تحريڪون شروع ڪيون آهن.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي تحريڪ ملڪ بچائڻ لاءِ نڪتي آهي، ماڻهو اسان جي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.محمود خان اچڪزئي چيو ته 8 فيبروري تي چونڊن لاءِ پارٽي جو نشان کسي ورتو ويو. پاڪستان جي آئين ۽ غريبن سان پيار ڪريو







