ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پهرين رمضان تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نجي بينڪن جي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پهرين رمضان المبارڪ تي زڪوات ڪٽوتي سبب سڄي ملڪ جون بينڪون عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهنديون. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سموريون بينڪون، ترقياتي مالي ادارا، مائڪرو فنانس بينڪ به عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهندي. اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان موجب سمورا ملازم معمول موجب آفيسن ۾ حاضر ٿيندا، رڳو عوامي ڏي وٺ جو ڪم ڪندڙن جي موڪل هوندي.







