اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ لبيڪ پاڪستان يعني ٽي ايل پي جي سڏ تي احتجاج سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٻٽن شهرن۾ ڇنڇر تي ٻئي ڏينهن به معمول جي زندگي سخت متاثر آهي. ٻنهي شهرن جي روڊ رستن جي بندش سبب واپاري سرگرميون به مڪمل طور معطل آهن. راولپنڊي ايڪسپريس وي، فيض آباد ۽ آءِ جي پي روڊ مڪمل طور بند آهن، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ فيض آباد انٽرچينج به ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ کنه پل، ڪُري روڊ ۽ ڍوڪ ڪالا خان جا رستا به اڃا تائين بند پيا آهن. وارث خان، ڪميٽي چوڪ، سڪسٿ روڊ، شمس آباد ۽ ايران روڊ پڻ سيل آهن، جڏهن ته راول روڊ، شاهين چوڪ، صدر ۽ پراڻي ايئرپورٽ وارا رستا به مڪمل بند آهن. اسلام آباد ويندڙ اڪثر رستا ڪنٽينر رکي بند ڪيا ويا آهن، ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي، صرف مرگلا روڊ کليل آهي. راولپنڊي انتظاميه شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ايئرپورٽ ويندڙ رستن کي به ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اڏامن ۾به دير ٿي رهي آهي. ٻٽن شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس اڄ ٻئي ڏينهن به معطل آهي، ۽ رستن جي بندش سبب تعليمي ادارا به بند ڪيا ويا آهن. ممڪنه احتجاج کي نظر ۾ رکندي، ٻٽن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس ٻئي ڏينهن به بند آهي، جڏهن ته فيض آباد تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، ۽ فيض آباد جا سڀ هوٽل به سيل ڪيا ويا آهن.