پشاور هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن جي مستقل مقرري جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عدالتي ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن کي مستقل جج طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن جي مدت ۾ 6 مهينن جي واڌ جي به منظوري ڏني وئي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ عدالتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل جج انعام الله خان ۽ ايڊيشنل جسٽس فرح جمشيد جي مدت ۾ 6 مهينا واڌ ڪئي وئي.ذريعن موجب، ايڊيشنل جج ثابت الله ۽ ايڊيشنل جج اورنگزيب جي مدت ۾ به 6 مهينا واڌ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي ڪميشن جي اجلاس ۾ ايڊيشنل جج صادق علي ۽ جسٽس مدثر امير جي مستقل جج طور مقرري جي منظوري ڏني وئي.ايڊيشنل جج جسٽس محمد طارق آفريدي ۽ ايڊيشنل جج جسٽس عبدالفياض کي مستقل ججن جي طور تي منظور ڪيو ويو.ايڊيشنل جج جسٽس صلاح الدين ۽ ايڊيشنل جج قاضي جواد احسان الله کي به مستقل ججن جي طور تي منظور ڪيو ويو.پي ٽي آءِ ميمبر بئريسٽر علي ظفر، بئريسٽر گوهر ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي صوبائي قانون واري وزير آفتاب عالم آفريدي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ