دوحا(ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري اربع ڏينهن دوحا ۾ قطري امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاع ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي آڇ ڪئي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطري امير هن آڇ تي “مثبت ردعمل” ڏنو ۽ چيو ته هو لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪندو ته اهي پاڪستان سان هن سلسلي ۾ فوري طور تي ڳالهيون شروع ڪن. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته قطري اڳواڻ “پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تازي دفاعي معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪيو”، جيڪو سيپٽمبر ۾ طئي ٿيو هو. الـثاني چيو ته “هي هڪ ڀليڪار وارو ۽ وقتائتو قدم آهي، جيڪو اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها”، ۽ اهو به نشاندهي ڪئي ته پاڪستان “هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، جيڪو هڪ ئي وقت چين، اولهه ۽ خليجي ملڪن سان حڪمت عملي لاڳاپا رکي ٿو”. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ بابت، قطري امير اميد ظاهر ڪئي ته “پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجا موجوده مسئلا حل ڪندا ۽ چئلينجن کان اڳتي وڌندا.” ياد رهي ته قطر انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثالثي ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي، جن جي وچ ۾ گذريل مهيني سرحدي ڇڪتاڻ کان پوءِ دوحا ۽ استنبول ۾ ڳالهيون ٿيون هيون. ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو نئون دور سڀاڻي (6 نومبر) ترڪي جي گادي واري شهر ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي. ان کان علاوه، بيان موجب صدر زرداري ملاقات دوران “زرعي ۽ خوراڪ جي سلامتي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جي به تجويز ڏني”، ۽ پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري وڌائڻ جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر “قطر فنڊ فار ڊولپمينٽ، ايجوڪيشن ابوو آل فائونڊيشن ۽ ٻين قطري انساني امدادي ادارن جي خدمتن جي به ساراهه ڪئي” ۽ خاص طور تي شيخا موزه بنت ناصر ۽ شيخا المياسه بنت حمد آل ثاني جي تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن قطري امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن “قطر سان علائقائي امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي”، جنهن تي قطري اڳواڻ چيو ته هو ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو.







