لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان آسٽريليا کي سيريز جي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 208 رنسن جو هدف ڏنو آهي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾، پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون. صائم ايوب ۽ بابر اعظم اڌ سينچريون ٺاهيون. صائم 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته بابر اعظم 50 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ناٽ آئوٽ رهيو.ٻين رانديگرن ۾، خواجه نافي 12 بالن تي 21 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شاداب خان 19 بالن تي 46 رنسن جي ڌوم ڌام سان اننگز کيڏي.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس کان پوءِ ڳالهائيندي، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته اڄ ٽيم ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون آهن.فخر زمان، خواجه نافي ۽ شاهين آفريدي کي اڄ جي ميچ لاءِ آخري يارهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پاڪستان کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آهي.







