پاڪستان اي ڊي بي کان 500 ملين ڊالر جي برابر قرض وٺندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) کان 500 ملين ڊالر جي برابر نئون قرض وٺندو.ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، تجويز ڪيل قرض جو بنيادي مقصد سرڪاري پينشن سسٽم ۾ سڌارو آڻڻ آهي. وفاقي حڪومت جو سالياني پينشن بل 1055 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. نئين قرض جو مقصد سرڪاري پينشن خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، هن منصوبي کي ٽرانسفارمنگ پبلڪ سيڪٽر پينشن پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي، ۽ سرڪاري ادارن لاءِ تربيت ۽ آگاهي پروگرام شروع ڪيو ويندو. ان کان علاوه، پينشن سسٽم ۾ گورننس ۽ نگراني نظام کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، نون سڌارن سان مستقبل جي مالي بار کي گهٽائڻ ۽ پينشن سسٽم کي وڌيڪ مستحڪم ۽ شفاف بڻائڻ جي اميد آهي.ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هڪ نئون ۽ پائيدار پينشن سسٽم متعارف ڪرائڻ لاءِ تياريون جاري آهن، ۽ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم جي نگراني کي به بهتر بڻايو ويندو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ