وڏي وزير سان وفاقي وزيرن جي ملاقات،تيل جي اگھن ۾ واڌ صورتحال جو جائزو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ جي اھم گڏجاڻيءَ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان جا پاڪستان جي توانائي جي فراهمي ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو. آچر ڏھاڙي ڪراچيءَ ۾ سي ايم هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صوبائي سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وفد ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پيٽروليم ڊويزن ظفر عباس، آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عاطف سجاد، پيٽروليم ڊويزن جي ڊي جي (آئل) عمران احمد، اوگرا جي ميمبر (آئل) زين العابدين، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر محمد امين ۽ محمد ادريس شامل هئا. اجلاس کي عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ اگھن ۽ ملڪ ۾ ٻارڻ (فليو) جي ذخيرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي عملدارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ تڪرار وڌيڪ وڌي ويو ته خام تيل جي قيمت 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو. اجلاس ۾ هنگامي توانائي بچت وارن اپائن تي پڻ ويچار ڪيو ويو، جن جو مقصد ٻارڻ جي استعمال کي بهتر نموني منظم ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي جي ذميواراڻي استعمال ۽ عوامي سهڪار جي گھرج تي زور ڀريندي چيو تھ حڪومت جي ترجيح اها آهي ته توانائي واري صورتحال کي ڏاھپ سان سنڀالجي تھ جيئن قومي معيشت جو ڦيٿو هلندو رهي. وڏي وزير چيو ته اجلاس ۾ ويچاريل تجويزون وڌيڪ ويچار ۽ فيصلي لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون. وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت جي عالمي توانائي مارڪيٽن تي نظر رکي رهي آهي ۽ تيل جي اگھن ۾ واڌ جي مالي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي رٿائون تيار ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خام تيل جي اگھن ۾ واضح واڌ ٿي ته پاڪستان جو ماهوار تيل درآمدي بل 600 ملين ڊالر تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن سان ملڪ جي پرڏيھي کاتن تي دٻاءُ وڌندو. وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته ٻارڻ جي بچت لاءِ اپاءَ وٺڻ ضروري آهن ته جيئن موجود ذخيرا وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهن ۽ اهم شعبن لاءِ دستياب رهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سومر تائين پيٽرول جا ٽئي ڪارگو پاڪستان پهچڻ جي اميد آهي. جڏھن تھ عملدارن پيٽرول پمپن تي ذخيرو اندوزي جي امڪان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. اجلاس ۾ آگاھي ڏني وئي تھ قطر فورس ميجور جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سبب ايل اين جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ ملڪ جي توانائي واري صورتحال بابت وڌيڪ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آھي. ٻارڻ جي فراهمي کي هموار رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ٻارڻ جي ذخيرن ۽ فراهمي جي نگراني لاءِ گڏيل ڊيش بورڊ تيار ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت سعودي عرب، عمان ۽ گڏيل عرب امارات سان سفارتي رابطا به تيز ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن آبنائي هرمز کان سواءِ ٻين رستن ذريعي متبادل ٻارڻ جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ذخيرو اندوزي کي روڪڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي هموار ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن وچ ۾ رابطو وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. وفاقي وزيرن جي اڳواڻي ۾ آيل وفد اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٿيندڙ ڳالهين دوران پيٽروليم ليوي ۾ رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن گراھڪن تي مالي بار گهٽجي سگهي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ته تبديل ٿيندڙ توانائي واري صورتحال کي مؤثر ريت سنڀالڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام کي محفوظ رکڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ويجهو رابطو برقرار رکيو ويندو

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ