گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

ماهر سائنسدان ۽ محقق تيزي سان آمريڪا ڇڏي چين منتقل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مختلف شعبن جا ماهر سائنسدان محقق تيزي سان آمريڪا ڇڏي چين منتقل ٿي رهيا آهن. سي اين اين جي انگن اکرن موجب، گذريل سال جي شروعات کان اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 85 اڀرندڙ ۽ سينيئر سائنسدان جيڪي آمريڪا ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، چيني ريسرچ ادارن ۾ ڪل وقتيِ طور شامل ٿي چڪا آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ 2025 ۾ منتقل ٿيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اها لهر وڌيڪ وڌندي، ڇو ته وائيٽ هائوس پاران ريسرچ بجيٽ گهٽائڻ ۽ پرڏيهي ٽيلنٽ تي نظر داري سخت ڪرڻ جا قدم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته بيجنگ مقامي ايجاد ۽ سائنس ۾ سيڙپڪاري وڌائي رهيو آهي. اهو هڪ قسم جو “الٽو برين ڊرين” آهي، جيڪو سوال اٿاري ٿو ته ڇا آمريڪا ڊگهي عرصي تائين دنيا جا بهترين سائنسدان پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ۽ ان کي برقرار رکي سگهندو يا نه ــ اها خوبي جيڪا ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ عالمي اڳواڻ بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهو رجحان سڌو واشنگٽن ۽ بيجنگ جي وچ ۾ مستقبل جي صنعتن جهڙوڪ AI، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، سيميڪنڊڪٽر، بائيوٽيڪ ۽ فوجي ٽيڪنالاجيءَ ۾ برتري حاصل ڪرڻ واري مقابلي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. چين جي حڪومت ڪيترن سالن کان دنيا جي باصلاحيت سائنسدانن کي واپس آڻڻ يا متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، خاص طور تي انهن هزارين چيني ريسرچرز کي، جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا ويا هئا ۽ اتي ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻ بڻيا. هاڻي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه ريسرچ بجيٽن ۾ وڏي ڪٽوتي، حڪومت جي نگراني سخت ڪرڻ، خاص پرڏيهي مزدورن لاءِ H1-B ويزا مهانگي ڪرڻ ۽ يونيورسٽين تي وفاقي فنڊنگ ذريعي دٻاءُ وڌائڻ جا قدم کنيا آهن، تڏهن چين لاءِ اهو مشن وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. پرنسٽن يونيورسٽي جي سماجيات جي پروفيسر يو شي چيو ته، آمريڪي پاليسين ۾ تبديليون “ٽرمپ جو تحفو” آهن، جيڪي چيني يونيورسٽين کي وڌيڪ ۽ بهتر سائنسدان ڀرتي ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون. چيني يونيورسٽيون اعليٰ پگهارن، ريسرچ فنڊن تائين ترجيحي رسائي، بونس، رهائش ۽ خاندان لاءِ سهولتون ڏئي پرڏيهي ماهرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيون آهن. ڪجهه پروگرام جهڙوڪ Qiming پروگرام خاص طور تي ڪمرشل سيڪٽر ۽ سيميڪنڊڪٽر انڊسٽري لاءِ ماهرن کي ڀرتي ڪن ٿا. اهو سڀ ان وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن آمريڪا چين جي ٽيلنٽ پروگرامز کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيو آهي، ۽ “چائنا انيشيئٽو” جهڙا منصوبا شروع ڪري ٿو، جن تي تعصب جا الزام لڳا ۽ جيڪي آخرڪار ختم ڪيا ويا. چيني قيادت، خاص طور شي جن پنگ، بار بار زور ڏئي رهيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ خودڪفالت ئي ملڪ جي معاشي سلامتيءَ جو رستو آهي. چين 2023 ۾ ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ تي 780 ارب ڊالر خرچ ڪيا، جڏهن ته آمريڪا لڳ ڀڳ 823 ارب ڊالر خرچ ڪيا. هاڻي چين خلائي تحقيق، نون ايجادات، ڪوائنٽم ڪميونيڪيشن، ۽ فوجي ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻي رهيو آهي، جڏهن ته نوان اسٽارٽ اپس جهڙوڪ DeepSeek آمريڪي ڪمپنين لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. جيئن ته چين جا ماهر عالمي سائنسي جرنلن ۾ وڌيڪ تحقيق ڇاپي رهيا آهن ۽ يونيورسٽيون عالمي رينڪنگ ۾ مٿي اچي رهيون آهن، تنهن هوندي به ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي سائنسي برتري کي پڪڙڻ ۾ چين کي وقت لڳندو، خاص طور جيڪڏهن آمريڪي يونيورسٽيون فنڊنگ جاري رکنديون، پر جيڪڏهن آمريڪا پنهنجن بهترين ماڻهن کي وڃائي ڇڏي ٿو، ته اها تباهي آمريڪا لاءِ هوندي، چين لاءِ نه. ماهرن جو چوڻ آهي ته سائنسدانن لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته هو ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڪم ڪري سگهن، جتي ريسرچ لاءِ سڪون ۽ وسيلا موجود هجن۔ ۽ في الحال آمريڪا جي پاليسيون ان توازن کي چين جي حق ۾ ڦيرائي رهيون آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ