هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ ۾ 10 جهاز ڪيرايا ويا هئا: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ-ڀارت جنگ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهيءَ جنگ دوران 10 جهاز ڪِيرايا ويا. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران جو جوهري ۽ بيليسٽڪ ميزائيل پروگرام تي آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ جو ارادو آهي، جيڪڏهن ايران معاهدو نه ڪندو ته اِها بيوقوفي هوندي. پاڪ-ڀارت جنگ جو حوالو ڏيندي ٽرمپ چيو ته انهيءَ جنگ ۾ 10 جهاز ڪيرايا ويا هئا. ٽرمپ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي پئي، ٻئي ملڪ ايٽمي جنگ جي طرف وڌي رهيا هئا، پر ٽيرف جي ذريعي جنگ کي روڪيو ويو. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ” منهنجي خيال ۾ اِها واقعي سخت ويڙهه وڙهي رهيا هئا.“

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ