گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

ميڪسيڪو جو گوگل خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

ميڪيسڪو جي حڪومت گوگل خلاف قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن ”گلف آف ميڪسيڪو“ جو نالو آمريڪي واهپيدارن جي لاءِ ”گلف آف آمريڪا“ ڪري ڇڏيو آهي.
ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبام چيو آهي ته جيڪڏهن گوگل نالي جي تبديلي واپس نه ورتي ته ان جي حڪومت عدالت سان رابطو ڪندي.
صدر وضاحت ڪئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت هي نالو صرف آمريڪي پاڻين تي لاڳو ٿئي ٿو، پر ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا جي سامونڊي علائقن کي شامل ڪرڻ غلط آهي، گوگل وضاحت ڏئي ته هي صرف آمريڪي واهپيدارن لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ ٻئي نالا نظر نه ايندا.
ميڪسيڪو جي حڪومت گوگل کي هڪ ٻيو خط لکي مطالبو ڪيو ته ”گلف آف آمريڪا“ جو نالو صرف آمريڪي پاڻين تائين محدود رکيو وڃي.
شينبام چيو ته ”جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي پاڻين جو نالو تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته شايد ان کي پنهنجو ملڪ ميڪسيڪن آمريڪا به چوڻ گهرجي“.
ميڪسيڪو گوگل کي حتمي وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.
ٻئي طرف ايپل به ٽرمپ جي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي نقشن ۾ ”گالف آف آمريڪا“ جو نالو شامل ڪري ورتو، جنهن سان تڪرار وڌيڪ وڌي ويو.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته گوگل طرفان ان تبديلي جو لاڳو ڪرڻ هڪ سياسي قدم آهي، جنهن تي وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ