ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته منهنجو سرڪاري پاسپورٽ بلاڪ ڪيو ويو آهي. آئين ۽ قانون سان کيڏڻ سان ادارا تباهه ٿي رهيا آهن.ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ٽي جج حڪم ڏئي رهيا آهن ته توهان پنهنجي قائد سان ملاقات ڪريو، اهو حڪم جيل سپرنٽينڊنٽ رد ڪيو، اها منهنجي بي عزتي ناهي.سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته جيستائين وڪيل نه اٿندا، عدليه آزاد نه ٿيندي، ڪيتري به تحريڪ هلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار اٿندو.







