اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته اسان جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ نوان آزاد ۽ منصفانه چونڊون ڪرايون وڃن.صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو خيال آهي ته هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي هجڻ گهرجي، اسان جا پنهنجن سڀني پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا هجڻ گهرجن.اسد قيصر چيو ته اسان نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد چاهيون ٿا.هن اهو به چيو ته اسان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا.







