ملازمن جي برطرفي دوران پگهارون نه ڏيڻ آئيني ڏوهه قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ برطرف ملازمن جي بحالي ۽ واجبات جي ادائيگي بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته غلط برطرفي تي ملازم رهيل سمورا واجبات وٺڻ جا قانوني حقدار آهن. عدالت ملازمن جي برطرفي دوران پگهار نه ڏيڻ آئيني ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه پوليس اهلڪارن کي سمورن واجبات جو حقدار قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت برطرف پوليس اهلڪارن کي هڪ مهيني ۾ سمورا بقاياجات ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پوليس اهلڪارن جون اپيلون منظور ڪندي خيبرپختونخواهه سروس ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 9 زندگي جي ضمانت ڏئي ٿو جنهن ۾ روزگار جو تحفظ شامل آهي.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هاڻ حاڪميت جي بجاءِ جواز جي ڪلچر جي ضرورت آهي. آئين جي تحت هر سرڪاري آفيسر عقلي ۽ معقول جواز فراهم ڪرڻ جو پابند آهي. صوابديدي اختيارن جو استعمال امانت آهي جنهن کي پسند ناپسند لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. غير منصفاڻه يا من ماني جا فيصلا ڪندڙ اختيارين جي خلاف عدالتي مداخلت ضروري آهي.عدالت چيو ته ملازم جو اهو چوڻ ئي ڪافي آهي ته هو بيروزگار هو، انهي کي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڀوڳڻو نه پوندو. ملازم جي ڪوڙ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت آڻڻ کاتي جي ذميواري آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته نظام جي خرابي، ڪيس ۾ ڊيگهه يا دير جي سزا غريب ملازم کي نٿي ڏئي سگهجي. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه سروس ٽربيونل پوليس اهلڪارن کي رهيل واجبات ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ