لاهور: (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف سان ماريشس جي هاءِ ڪمشنر ايڇ اي منسو ڪرمباڪس ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.وزيراعليٰ مريم نوازشريف ماريشس جي سفير منسو ڪرمباڪس جي پرجوش آجيان ڪئي. ملاقات دوران بزنس ٽو بزنس، رابطه، واپاري وفد ۽ نمائنشون منعقد ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڏنو ويو.مريم نوازشريف ماريشس سان واپاري ۽ معاشي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپا، تعليم، سياحت، زراعت ۽ عوامي شعبن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ماريشس جي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ويو.ٻنهي اڳواڻن حلال فوڊ، ٽيڪنالاجي ۽ هيومن ريسورس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعليٰ مريم نوازشريف بليو اڪانومي جي شعبي ۾ سرمائيڪاري تي هر ممڪن تعاون جي ارادي جو اظهار ڪيو.انهي موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو ته ماريشس جي لاءِ چانور، ٽيڪسٽائل ۽ فارماسيوٽيڪل مصنوعات جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن پيداواري پوکي ۾ ماريشس جي قائم ڪيل ٽيڪنالاجي ۽ کنڊ جي صنعت ۾ تعاون جي ارادي جو اظهار ڪيو.







