گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

مريم نواز جي سٺن ڪمن کي ساراهيون ٿا: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر شاهه سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمانن جي بيانن تي ردعمل ڏنو آهي.
ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جون حڪومتون پنهنجي پنهنجي قيادت جي رهنمائي ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، صوبائي حڪومتن وچ ۾ ڪو مقابلو ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت وفاق کان ڪنهن منصوبي تي عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿي ته اهو آئيني حق آهي، پنجاب ۾ وفاقي منصوبا جاري آهن، جن تي سنڌ حڪومت ڪڏهن اعتراض نه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا جيئن ٻين صوبن کي وفاق جا منصوبا ڏنا ويندا آهن، ائين ئي سنڌ کي به ان جو جائز حق ملي، ان تي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي، اسان نٿا چاهيون ته غير ضروري بيانن سان تڪرار پيدا ڪيا وڃن.
ناصر شاهه چيو ته اسان مريم نواز کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، هوءَ بهترين ڪم ڪري رهي آهي ۽ سندس سٺن ڪمن کي ساراهيون ٿا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ