اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مخالف اتحاد تحريڪ تحفظ پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي،ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اهو ياد رکڻ گهرجي ته عمر ايوب خان جي نااهلي کان پوءِ هيٺين ايوان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو خالي ٿي ويو هو، ان کان اڳ مخالف ڌر جي ميمبرن جو هڪ وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ پهتو،وفد ۾ پي ٽي آءِ جو چيئرمين بئريسٽر گوهر، شهرام ترڪئي، علي اصغر خان، جنيد اڪبر ۽ جمال احسن خان شامل هئا.اسپيڪر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جي نوٽيفڪيشن تي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي فون ڪيو هو.







