اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ افغانستان جي اشتعال انگيز ڪارروائين جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پاڪستاني فوج کي ان جي جوابي ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته کيس پاڪستاني فوج جي پيشه ورانه صلاحيت تي فخر آهي. فيلڊ مارشل جي بي خوف قيادت ۾ پاڪستاني فوج افغانستان کي مناسب جواب ڏنو. پاڪستاني فوج ڪيتريون ئي افغان پوسٽون تباهه ڪيون ۽ انهن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو، شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، هر اشتعال انگيز ڪارروائي جو مڪمل ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته اسان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته ملڪ جي هر ڪنڊ جو دفاع ڪيئن ڪجي، پاڪستاني فوج هميشه هر قسم جي ٻاهرين جارحيت جو مناسب جواب ڏنو آهي، پوري قوم پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي، وزيراعظم چيو ته دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان ۾ موجود عنصرن جي حمايت حاصل آهي. پاڪستان بار بار افغانستان کي اتي فتنه الخارج ۽ فتنه الهندستان بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. انهن ماڻهن بابت معلومات فراهم ڪئي وئي جن افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف ڪارروائي ڪئي. اميد آهي ته افغان حڪومت يقيني بڻائيندي ته سندس سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي.