غزه امن معاهدي لاٰءِ ٽرمپ جيڪي 20 پوائنٽس ڏنا، اهي اسان جا ناهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزا بابت جاري ڪيل 20 نڪاتي امن منصوبو “اسان جو نه آهي”، پر هن گڏوگڏ ان تي به زور ڀريو ته هن معاملي تي سياست جي ڪا گنجائش ناهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي ڊار چيو: “مون اسلام آباد واري پريس بريفنگ ۾ صاف چيو هو ته صدر ٽرمپ جا 20 نڪتا اسان جا نه آهن. اسان جي مسودي ۾ تبديليون ڪيون ويون. مون وٽ رڪارڊ موجود آهي.” تنهن هوندي به هن چيو: “هي آخري نتيجو آهي ۽ ان ۾ سياست جي ڪا گنجائش ناهي.” 8 مسلمان ۽ عرب ملڪن ــ اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، پاڪستان، ترڪي، سعودي عرب، قطر ۽ مصر ــ صدر ٽرمپ سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي سائيڊ لائين تي ملاقات ڪئي، جتي آمريڪي صدر غزه ۾ اسرائيلي حملي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 29 سيپٽمبر تي صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ملاقات ڪئي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ غزه لاءِ 20 نڪاتي منصوبي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي ابتدائي حمايت باوجود، ڊار واضح ڪيو ته اهو منصوبو قبول نه ڪيو ويندو جيڪڏهن 8 ملڪن جي گڏيل تجويز ڪيل ترميمن کي شامل نه ڪيو ويو. ڊار پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اٺن ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي اجلاس دوران غزه بابت گڏ ٿيا هئا. “ان ملاقات ۾ ٻئي ڪا ايجنڊا نه هئي. اڄ مان اوهان کي تفصيل ٻڌائي رهيو آهيان،” هن چيو، ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته فيصلو ٿيو ته اهي ملاقاتون “خاموشي سان” جاري رکيون وڃن. هن ٻڌايو ته اصل ملاقات کان اڳ نيويارڪ ۾ اٺن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي تياري واري گڏجاڻي ٿي، جتي غزه جي صورتحال تي بحث ٿيو. ڊار موجب، صدر ٽرمپ ان کي مثبت ورتو ۽ چيو ته سندس ٽيم وزيرن سان گڏجي “قابل عمل حل” ڳوليندي. هن چيو ته ٽرمپ اهو به چيو ته هو نيتن ياهو سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي ۽ غزه تي بمباري روڪڻ جي ڪوشش ڪندو. ڊار ٻڌايو ته قطر جي سفارتخاني کي انهن ملاقاتن جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، جيڪي ميڊيا ۾ ظاهر نه ڪيون ويون. “صدر ٽرمپ جي ڪميٽي به آئي ۽ کلي ڳالهه ٻولهه ٿي پوءِ اسان کي 20 نڪاتي تجويزون ڏنيون ويون.” هن چيو ته وزيرن تجويز ورتي ۽ فيصلو ڪيو ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ان تي غور ڪيو ويندو. “اسان مڪمل نئون مسودو ٺاهڻ بدران فيصلو ڪيو ته انهي فريم ورڪ ۾ رهون ۽ پنهنجي خواهشن مطابق نڪتن ۾ ترميم يا خاتمو ڪريون،” هن چيو ته “اڳين 24 ڪلاڪن ۾ مختلف ملاقاتون ٿيون۔ اسان هوٽلن ۾ هارڊ ڪاپيون مٽاسٽا ڪري رهيا هئاسين.” ڊار ٻڌايو ته اٺن ملڪن جو تيار ڪيل آخري مسودو “ڪائونٽر ڊرافٽ” طور موڪليو ويو، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن پاڪستاني وفد نيويارڪ ڇڏڻ وارو هو ته فون آيو ته ڪجهه ملڪ چاهين ٿا ته سڀئي وزير صحيح ڪن، جڏهن ته ڪجهه چون ٿا ته ضروري ناهي. “منهنجي نظر ۾ هي ننڍي ڳالهه هئي،” ڊار چيو، ۽ ٻڌايو ته هن اڪثريت کي فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو. “جڏهن اسان ايندڙ منزل تي پهتاسين ته ٻڌايو ويو ته آمريڪي وارن کي مسودو ملي ويو آهي.” هن چيو ته سومر واري ملاقات ۾ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو 20 نڪاتي منصوبي جو اعلان ڪيو. پوءِ هن سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهايو، جنهن ٻڌايو ته اٺن ملڪن جا ڪجهه اهم نڪتا قبول ڪيا ويا آهن، پر ڪجهه تي وڌيڪ ڳالهين جي ضرورت آهي. سعودي وزير جي چوڻ موجب، ان وقت ٻه آپشن هئا: يا ڳالهين کي جاري رکجي ۽ اسرائيل رت وهائڻ جاري رکي، يا ٽرمپ جو منصوبو قبول ڪري گڏيل بيان جاري ڪجي. ڊار چيو: “مون چيو توهان صحيح ٿا چئو، اسان کي اهو ڪرڻ گهرجي،” ۽ پوءِ گڏيل بيان تيار ڪيو ويو. هن زور ڏنو ته اهو ئي واحد طريقو آهي اسرائيل جي بمباري کي روڪڻ جو، ڇو ته ٻيا سڀ فورم ناڪام ٿي ويا هئا. “صرف بيانن سان ڪم نه هلندو، عملي قدم کڻڻا پوندا،” ڊار چيو ۽ ٻين ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ ڊار اهو به چيو ته پاڪستان جي فلسطين پاليسي قائداعظم محمد علي جناح واري ئي آهي. “ان ۾ نه ڪا تبديلي آئي آهي ۽ نه ايندي،” هن چيو، ۽ پاڪستان جو واضح مطالبو ورجايو ته القدس شريف گاديءَ واري هنڌ سان گڏ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست ٺهڻ گهرجي.
غزه فلوٽيلا
ڊار ان بابت به ڳالهايو ته اسرائيل گلوبل صمود فلوٽيلا (GSF) کي روڪيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به شامل هو. هن چيو ته 45 جهازن مان 22 اسرائيل قبضي ۾ ورتا ۽ ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. “اسان جي ڄاڻ موجب، اڃا تصديق نه ٿي آهي، پر رپورٽن مطابق مشتاق احمد خان به انهن ۾ شامل آهي،” ڊار ٻڌايو ته پاڪستان هڪ يورپي ملڪ کي، جيڪو “اثرائتو” آهي، اڳوڻي سينيٽر جي آزادي لاءِ شامل ڪيو آهي. بغير نالو ٻڌائڻ جي، هن چيو ته پڪ سان خبر آچر تائين ملندي. هن يقين ڏياريو ته هو ۽ پرڏيهي وزارت فلوٽيلا ۾ موجود پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ دفاعي معاهدو
اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب کان پوءِ ڪيترائي عرب ۽ ٻيا مسلمان ملڪ به دفاعي معاهدي جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، ٻين ملڪن جي شموليت کان پوءِ اهو هڪ نئون نيٽو طرز جو اتحاد بڻجي ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اظهار خيال ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڏهاڪن کان اسان جو سعودي عرب سان جيڪو تعلق آهي، اهو لڪيل ناهي، هر پاڪستاني پنهنجي جان کان وڌيڪ حرم جي حفاظت جو جذبو رکي ٿو، الله پاڪ اسان کي به خادم حرمين بڻايو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاڪ-سعودي دفاعي معاهدي جو تفصيل ٻڌائيندو، پرڏيهي وزير چيو ته هن معاهدي تحت هڪ ملڪ تي حملو ٻئي ملڪ تي حملو تصور ڪيو ويندو، جيئن ڀارت حملو ڪيو هو ته جيڪڏهن اهو معاهدو هجي ها ته اهو سعودي عرب تي به حملو سمجهيو وڃي ها، اسان الله جا بي پناهه شڪرگذار آهيون جو اهو معاهدو اسان جي دور ۾ ٿيو. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان هاڻي اسلامي دنيا جو محافظ بڻجي ويو آهي، جيڪي قومي راز اسان جي سينن ۾ آهن، اهي نه ڪڏهن ظاهر ٿيا آهن ۽ نه آئينده ظاهر ٿيندا، اهي راز اسان جي سينن ۾ ئي دفن رهندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ