صوبي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ منصوبا شروع ڪيا آهن:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ هاڻي تائين 13 هزار کان وڌيڪ منصوبا شروع ڪيا ويا آهن.هڪ بيان ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته مختلف شعبن ۾ 9,193 منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن.سينيئر وزير چيو ته پرڏيهي امداد ۾ 367 ارب رپيا ۽ وفاقي پي ايس ڊي پي تحت 76 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان سان گڏ صحت، تعليم، زراعت، روڊن، آبپاشي ۽ سماجي منصوبن تي ڪم جاري آهي، سنڌ حڪومت جي ترقياتي ويزن جو مقصد صرف منصوبا شروع ڪرڻ نه آهي پر وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ معيار تي سختي سان عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ پڻ آهي.پي پي پي اڳواڻ چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ ترقياتي وژن جو هڪ اهم حصو آهي، ڪراچي ۾ هر ترقياتي منصوبي جو مقصد شهرين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۽ شهر جي انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روڊن، پارڪن، ڊرينيج، سيوريج ۽ اسٽريٽ لائيٽنگ جي اپ گريڊيشن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت مڪمل ڪيل منصوبن شهري زندگي جي معيار کي بهتر بڻايو آهي.شرجيل انعام ميمڻ اهو به چيو ته وڏي وزير جي هدايتن تي شهري ماسٽر پلان تي سختي سان عمل ڪيو پيو وڃي

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ