شام ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جو بدلو وٺنداسين، ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو شام ۾ آمريڪي فوجين جي موت جو بدلو وٺندو ۽ جيڪڏهن ٻيو حملو ٿيو ته جوابي ڪارروائي ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ چيو آهي ته شام جي شهر پالميرا ۾ آمريڪي فوجين جي قتل جو بدلو داعش کان ورتو ويندو. هن چيو ته شام ۾ حملي ۾ ٽن عظيم آمريڪي فوجين جي موت تي کيس ڏک ٿيو آهي. آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن آمريڪي فوجين تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ته اهي جوابي ڪارروائي ڪندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ