سک ياتري عورت اسلام قبول ڪري پاڪستاني سان شادي ڪري ورتي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي ياترا جي لاءِ ڀارت کان آيل جٿي ۾ شامل سک عورت سبجيت ڪور اسلام قبول ڪري هڪ پاڪستاني شهري سان شادي ڪري ورتي آهي. شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃڻ کان پوءِ عورت جو اسلامي نالو نور رکيو ويو آهي، نڪاح نامي موجب 48 ورهين جي سربجيت ڪور 5 نومبر تي ضلعي شيخوپوره جي فاروق آباد جي رهواسي پاڪستاني شهري ناصر حسين سان نڪاح ڪيو.نڪاح ۾ 10 هزار روپيه حق مهر لکيل آهي جيڪو ادا ٿي چڪو آهي، سربجيت ڪور 4 نومبر تي ڀارتي ياترين سان گڏ پاڪستان آئي هئي پر 13 نومبر تي ڀارت واپس ويندڙ ياترين ۾ شامل نه هئي جڏهن ته انهي ڏينهن انهي جو ويزه به ختم ٿي ويو هو.اهڙي آڌار تي عورت کي گم قرار ڏئي سندس ڳولا شروع ڪئي وئي پر انهي کان پوءِ خبر پئي ته عورت اسلام قبول ڪري پاڪستاني شهري سان شادي ڪري ورتي آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ