سپر هاءِ وي تي گاڏيون ٽڪرائجڻ سبب عورت سميت 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. افسوسناڪ واقعو سپر هاءِ وي ايم 9 تي پيش آيو، جتي ڊمپر ۽ وين ۾ ٽڪر کانپوءِ ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، حادثي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا.حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ