اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي 159 ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جا مالي گوشوارا جمع نه ڪرايا ويا آهن، تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات، پنجاب اسيمبلي جا 50 ميمبر، سنڌ اسيمبلي جا 33 ميمبر، ڪي پي اسيمبلي جا 28 ميمبر، بلوچستان اسيمبلي جا 7 ميمبر ۽ سينيٽ جا 9 ميمبر شامل آهن، جن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي، انهن ۾ وفاقي وزير مصدق ملڪ، خالد مقبول صديقي، ارشد وهره، سردار اختر مينگل، سيد عبدالقادر گيلاني، علي موسيٰ گيلاني، سائره افضل تارڙ ۽ مهرين رزاق ڀٽو شامل آهن.سينيٽ مان فوزيه ارشد، عابد شير علي، مراد سعيد ۽ نورالحق قادري جي ميمبرشپ پڻ معطل ڪئي وئي آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته معطل ٿيل ميمبر پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائي جو حصو نه ٿي سگهن جيستائين انهن جي ميمبرشپ بحال نه ٿي وڃي. اليڪشن ايڪٽ تحت، اسيمبلي جا ميمبر 15 جنوري تائين پنهنجا مالي بيان جمع ڪرائڻ جا پابند آهن.







