اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف نيپرا طرفان سولر جي حوالي سان نئين ريگيوليشنز کي جاري ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺندي پاور ڊويزن کي نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاور ڊويزن نيپرا کي سولر جي موجوده صارفين جي ڪنٽريڪٽ جي تحفظ جي حوالي سان فوري نظرثاني واري اپيل داخل ڪري ته جيئن موجوده ڪنٽريڪٽس جو هر ممڪن تحفظ يقيني بنايو وڃي.
هن چيو ته سولر مان فائدو وٺندڙ 4 لک 66 هزار صارفين جو بار 3 ڪروڙ 76 لک کان وڌيڪ صرف نيشنل گرڊ مان بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي نه پوي. انهي حوالي سان پاور ڊويزن گڏيل لائحه عمل جوڙي.







