ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته جمهوريت تڏهن ئي مضبوط ٿيندي جڏهن اسان پٺئين دروازن ذريعي اقتدار ۾ نه اينداسين.حيدرآباد روانگي کان اڳ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام ٽيون ڀيرو تحريڪ انصاف کي مينڊيٽ ڏنو آهي، جيڪو پارٽي تي اعتماد جو اظهار آهي. چيو ته مان باقي صوبن ۾ جيڪي جعلي مينڊيٽ سان ويٺا آهن، انهن کي چوندس ته عوامي مينڊيٽ جي قدر ڪن ۽ پوئين دروازن ذريعي حڪومتن ۾ نه ويهن







