سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، خليجي اخبار

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي 18 فيبروري تي روزي جو پهريون ڏينهن هوندو.رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ هوتا سدير جي مقام تي هڪ وڏو اجلاس منعقد ڪيو ويو. چنڊ ڏسڻ لاءِ سعودي عرب ۾ 7 ٻين هنڌن تي به اجلاس ٿيا، جنهن ۾ موسميات ۽ فلڪيات کاتي جي ماهرن شرڪت ڪئي.سعودي ميڊيا موجب، بادشاهت ۾ رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ پهريون ڀيرو جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي.سعودي ميڊيا موجب، بادشاهت ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ اربع، 18 فيبروري 2026 تي 1447 هجري جو پهريون رمضان هوندو. سعودي سپريم ڪورٽ رمضان جو چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان دوران، ملائيشيا ۽ ترڪي ۾ چنڊ نظر نه آيو، جنهن کان پوءِ 19 فيبروري کي اتي پهريون رمضان قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه، سنگاپور، برونائي، آسٽريليا ۽ عمان ۾ به رمضان 19 فيبروري تي شروع ٿيندو.ٻئي طرف، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندو.سپارڪو جي ترجمان موجب، پهريون رمضان 19 فيبروري 2026 تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ