ريڊيو پاڪستان تي حملي جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان تي حملي جي جاچ لاءِ جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، صوبائي ڪابينا جو اجلاس سهيل آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪميشن سي سي ٽي وي سميت سڀئي ثبوت گڏ ڪندي ۽ ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. هن چيو ته وياج کان پاڪ خيبر پختونخواهه موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان خيبر پختونخواهه کي وياج جي لعنت کان آزاد ڪرڻ لاءِ پاليسي ٺاهي رهيا آهيون.خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير چوي ٿو ته اسان اسلامي سيڙپڪاري متعارف ڪرائينداسين، اسيمبلي جو متفقه قرارداد آهي ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي سان جيل ۾ بدسلوڪي ڪئي پئي وڃي، سهيل آفريدي چيو ته 4.5 ڪروڙ ماڻهن جي چونڊيل وڏي وزير کي پنهنجي اڳواڻ سان ملڻ جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي، مان پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ ۽ پاليسي گائيڊ لائن حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس زال کي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر سان ملڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي، سڀئي حڪومتي قدم ۽ سڌارا چونڊيل نمائندن جي صلاح مشوري سان ڪيا ويندا، ۽ صوبائي حڪومت ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل ڪندي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ