واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) برطانوي ميگزين پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جي حڪومت واري دور ۾ بشريٰ بي بي اهم سرڪاري فيصلن تي اثر انداز ٿيندي رهي آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب برطانوي ميگزين دي اڪانومسٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ڪردار تي خصوصي رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عمران خان جي ٽئين شادي نه صرف انهي جي ذاتي زندگي پر انهي جي حڪومتي فيصلن تي به گهرا سوال پيدا ڪيا.رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي اهم سرڪاري مقررين ۽ روزاني جي حڪومتي معاملن ۾ انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، جنهن سبب فيصلن ۾(روحاني مشاورت) جو رخ نمايان ٿيندو ويو.سينئر صحافي اوون بينيٽ جونز جي انهي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي روحاني اثرات سبب عمران خان پنهنجي اصلاحاتي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ناڪام رهيو. رپورٽ ۾ ڪجهه مبصرين جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي ته ڳجهن ادارن جا ڪجهه ماڻهو اهڙي ڄاڻ بشريٰ بي بي تائين پهچائيندا هئا جن کي هو عمران خان جي سامهون پنهنجي روحاني بصيرت مان حاصل ڪيل ڄاڻ جي طور تي پيش ڪندي هئي.ميگزين جي رپورٽ موجب اهي سمورا عمل عمران خان جي فصلن تي اثر انداز ٿيندا رهيا جنهن سان حڪومتي معاملن ۾ روحاني اثر رسوخ جي شڪايتن کي هٿي ملي.







