خان جي صحت تي سياست ڪندس نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندس:سهيل آفريدي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عمران خان جي صحت تي نه پاڻ سياست ڪندس نه ئي وري ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندس.سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته منهنجا پاڪستانيو! عمران خان جي صحت منهنجي لاءِ سياست کان وڌيڪ آهي، انهي جي صحت تي نه مان پاڻ سياست ڪندس ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندس.هن چيو ته سموري قوم ۾ عمران خان جي لاءِ بي انتها محبت سبب تمام گهڻي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. مون کي انهي ڳالهه جو چڱي ريت احساس آهي پر اسان انهي کي پنهنجي ڪمزوري نه پر طاقت ٺاهيو آهي. هميشه سخت ۽ نازڪ وقت ۾ اوهان کي مضبوط رکي حڪمت سان جنگ وڙهنڻي پوندي آهي. اهڙي وقت ۾ اوهان جي لڪل حڪمت عملي ئي اوهان جي بهترين طاقت هوندي آهي.سهيل آفريدي چيو ته عمران خان ڪو معمولي شخص نه آهي اهو پاڪستان جو اڳوڻو ۽ موجوده وزيراعظم آهي ۽ پاڪستان جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي جو تاحيات چيئرمين آهي انهي جي صحت سان مذاق ڪيو ويو آهي جيڪو معافي نه جوڳو عمل آهي. هاڻ هن وقت ان جو بهترين علاج اسان جي اولين ترجيح آهي ڪوبه هرگز اهو نه سوچي ته عمران خان جي علاج تائين آرام سان ويهندس.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت جيڪو ڪارڪن بنا ڪنهن آفيشل ڪال جي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت نڪتو آهي ته اهو جتي آهي اتي ئي پرامن رهي پنهنجي ويجهي موجود ڪارڪنن جو ساٿ ڏئي، اوهان سڀني کي اڳيان به پرامن رهڻو آهي.هن چيو ته عمران خان جا مخالف جن انهي سان طبي دهشتگردي ڪئي آهي اهي ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. اسان ۾ پنهنجا انتشاري ماڻهو شامل ڪري اسان جي پرامن احتجاج کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃي اسان کي ئي نشانو بنائيندا. هن ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي سمورن انتشارين تي نظر رکڻي آهي ۽ پرامن احتجاج کي جاري رکڻو آهي ڪنهن به منفي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا تي يقين ناهي ڪرڻو جيستائين عمران خان جي فيملي يا پارٽي ڪنهن به خبر جي تصديق نه ڪري.سهيل آفريدي ٽوئٽ ۾ چيو ته سمورن پاڪستانين کي مان اهو اعتماد ڏياريان ٿو ته انشاءِالله اوهان سڀني جي اعتماد، اتفاق، اتحاد ۽ سپورٽ سان عمران خان جو علاج ذاتي معالج جي نگراني ۽ فيملي کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ٿيندو. اهو اوهان سڀني کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عمران خان جي اک جي علاج سان گڏوگڏ اسان کي سيڪيورٽي جو به خيال رکڻو آهي. ڪجهه شيون ٻڌائي ڪيون وينديون ۽ ڪجهه شيون شايد في الحال اسان جي سامهون نه اچن. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم موجب باني جو علاج 16 فيبروري تائين ٿيڻ گهرجي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ