راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي ذاتي معالج کان علاج ڪرائڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.راولپنڊي ۾ عمران خان جي ذاتي معالج کان ميڊيڪل چيڪ اپ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج سيد امجد علي شاهه درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست جي متن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم، ڊاڪٽر خرم ۽ ڊاڪٽر ثمينه کان طبي معائنو ڪرايو وڃي.دليلن ۾ چيو ويو ته ذاتي معالج کان طبي معائنو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حق آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي علاج لاءِ به ذاتي معالج موجود هو. راولپنڊي جيل جي رول 795 جي تحت انتظاميه ڪنهن به قسم جي ميڊيڪل چيڪ اپ بابت فيملي کي آگاهه ڪرڻ جي پابند آهي.ٻڌڻي کان پوءِ وڪيل صفائي فيصل ملڪ چيو ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي هيرو آهي اهو انهي جو بنيادي حق آهي. فيصل ملڪ موجب سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل ميڊيڪل رپورٽ جمع ناهي ڪرائي پر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جو علاج جاري آهي.جنهن کان پوءِ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد شاهه محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت عمران خان جي ذاتي معالجن کان علاج ڪرائڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت موجب جيل رولز جي تحت جوابدار عمران خان جو پراپر علاج جاري آهي.







