حڪومت اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جو تحفظ ختم ڪرڻ چاهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: (رپورٽر) پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت 27 هين آئيني ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي مليل مالي شيئر جو تحفظ ختم ڪرڻ ۽ ٽنهي هٿيار بند فوجن جي سربراهن جي تقرري واري صدر جي اختيارن واري شق ۾ تبديلي چاهي ٿي. هن چيو ته صدر زرداري دوحا ۾ آهي ۽ سندس واپسي بعد پيپلز پارٽي 6 نومبر تي گهرايل سي اي سي جي اجلاس ۾ انهن معاملن تي غور ڪندي. هن چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27هين ترميم جي حمايت جي درخواست ڪئي آهي. پي پي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگ(ن) جي وفد صدر آصف علي زرداري ۽ مون سان ملاقات ڪئي هئي.هن ٻڌايو ته وزيراعظم پيپلز پارٽي کان 27هين ترميم جي حمايت جي درخواست ڪئي، ترميم ۾ آئيني عدالت جو قيام، ايگزيڪٽو مئجسٽريٽس جي بحالي ۽ ججز جون بدلين جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ شامل آهن.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ ٻڌايو ته اين ايف سي ۾ صوبائي حصي جو تحفظ ختم ڪرڻ به 27هين ترميم ۾ شامل آهي. حڪومتي تجويزن ۾ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم به شامل آهي. ( هن آئيني شق موجب ٽنهي هٿيار بند فوجن جي سربراهن جي مقرري جو اختيار صدر کي حاصل آهي ۽ صدر ٽنهي هٿيار بند فوجن جو سپريم ڪمانڊر ڊڪليئر ڪيل آهي) بلاول اهو واضح ناهي ڪيو ته ڇا حڪومت صدر جا اهي اختيار وزيراعظم کي ڏيڻ چاهي ٿي يا ترميم جو تفصيل ڇا آهن. حڪومتي تجويز موجب تعليم ۽ آبادي جي منصوبه بندي، وفاق ۾ واپسي جي ترميم به شامل آهي. پ پ چيئرمين ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم ۾ اي سي پي جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ ٽوڙڻ لاءِ به تجويز آهي پر بلاول ان جو تفصيل شيئر ناهي ڪيو. هن ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري جي قطر مان واپسي تي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس 6 نومبر تي ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جي پاليسي طئي ڪئي ويندي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ