اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران جسٽس امين امين الدين ريمارڪس ڏنا ته جيستائين آئين ۾ ترميم نه ٿيندي، موجوده آئين تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل آهن. جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته اسان آئين تي ڀروسو ڪندا آهيون، وڪيل به آئين تي ڀروسو ڪندا آهن، جيستائين آئين ۾ ترميم نه ٿيندي، اسان کي موجوده آئين تي ڀروسو ڪرڻو پوندو.جسٽس مسرت هلالي چيو ته 26 هين آئيني ترميم صحيح آهي يا غلط، عدالت ان کي في الحال معطل نه ڪيو آهي، توهان 26 هين آئيني ترميم کي آئين جو حصو سمجهو ٿا، ان کان پوءِ ئي توهان ان کي چئلينج ڪيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ موجود آهي، موجوده آئيني بينچ جا 8 جج به 26 هين آئيني ترميم جي منظوري وقت سپريم ڪورٽ ۾ موجود هئا، باقي 8 ججن کي به آئيني بينچ جو حصو هجڻ گهرجي جيڪو 26 هين آئيني ترميم جي منظوري وقت سپريم ڪورٽ جو حصو هو.وڪيل حامد خان چيو ته 26 هين آئيني ترميم غير معمولي انداز ۾ سينيٽ ۾ آندو ويو، 26 هين آئيني ترميم رات جو پارليامينٽ ۾ منظور ڪئي وئي، 21 آڪٽوبر تي سپريم ڪورٽ ۾ 17 جج موجود هئا، چيف جسٽس 25 آڪٽوبر تي رٽائر ٿيو، ججن جو تعداد گهٽائي 16 ڪيو ويو، 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواست جي فل ڪورٽ ٻڌڻي ڪرڻ جي درخواست آهي.هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن 26 هين آئيني ترميم کان اڳ به موجود هئي، 26 هين آئيني ترميم جوڊيشل ڪميشن جي قيام کي متاثر ڪيو، 26 هين آئيني ترميم کان اڳ جج جوڊيشل ڪميشن ۾ اڪثريت ۾ هئا، پر آئيني ترميم ۾ جج جوڊيشل ڪميشن ۾ اقليت بڻجي ويا.وڪيل حامد خان چيو ته 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن ۾ اڪثريت انتظامي پاسي هلي وئي، جنهن جو آزاد عدليه تي اثر پيو. جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته، “اسان کي في الحال ميرٽ بابت نه ٻڌايو، آئيني بينچ جي اختيارن بابت ٻڌايو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته پارلياماني ڪميٽي کي جوڊيشل ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جسٽس امين الدين سوال ڪيو ته، “عدالت کي ٻڌايو ته 16 رڪني بينچ ڇو ٺاهي وئي؟