جماعت اسلامي پاران گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيل جي تازي حملي خلاف 7 آڪٽوبر تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران، حافظ نعيم اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ وسيع آمريڪي اسرائيل اتحاد تي تنقيد ڪئي. هن ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر امن منصوبي کي رد ڪندي ان کي “وڌيڪ فلسطينين کي مارڻ جو لائسنس” قرار ڏنو. هي امن جو منصوبو ناهي، اهو اسرائيل کي محفوظ بڻائڻ ۽ فلسطين کي دٻائڻ جو منصوبو آهي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 4 آڪٽوبر تي يڪجهتي مارچ ۽ 7 آڪٽوبر تي ملڪ گير احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ